پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو

پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو: هيءَ ڪانفرنس 9 اپريل 1944ع تي مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي احاطي ۾ ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس ۾ ڀليڪار ڪميٽيءَ جو چيئرمئن عبدالوهاب ’ناظم‘ ۽ سيڪريٽري غلام عباس قادري ’جوش‘ هو. ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، جن ۾ حيدرآباد مان ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، مرزا افضل بيگ، مرزا اجمل بيگ، محمد بخش ’واصف‘، محمد خان غني، گل محمد ’آزاد‘ صوفيءَ، ڪراچيءَ مان غلام احمد نظامي ۽ امير علي شاهه سوز ’فاني‘، نوابشاهه مان پرسرام ضيا، شڪارپور مان مولوي فقير دوست محمد، خـان صـاحـب غـلام حيـدر، جيـڪب آبـاد مان اوستـو غلام حسين رفيع، قادربخش ’بشير‘، دادوءَ مان حافظ محمد ’احسن‘، عطا محمد ’عطا‘، حيدر علي ’حيدري‘، جمع خان غريب، ليلارام شاعر، رسول بخش دوست، غلام محمد گرامي، احمد خان ’آصف‘، سکر مان ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ڊپٽي انسپيڪٽر ملا اسڪولس، سلطان ڪوٽ مان آغا گل حسن گل، ماستر ويڌارام، غلام سرور ’سرور‘ ۽ سردار مير احمد خان جمالي شامل هئا. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي شهر جا ڪافي شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيا هئا. جن ۾ حاجي محمود خادم، نواز علي ‘نياز‘، عبدالفتاح ’عبد‘، غلام علي مسرور، الله ثنائي'>ثناءُ الله ثنائي ۽ ٻيا شامل هئا، ڪانفرنس ۾ شهر جا معزز به شريڪ ٿيا، جن ۾ سيد محمد هاشم رضا (ڪليڪٽر)، ڪريم بخش شيخ (ايڊمنسٽريٽو آفيسر) ۽ ٻيا شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو